سنڌي- عربي لغت

سنڌي- عربي لغت

سنڌي عربي لغت

سنڌي- عربي لغت: هيءَ لغت پروفيسر غلام حسين جلباڻيءَ جي مرتب ڪيل آهي. هن ۾ سنڌي لفظن ۽ محاورن جي عربيءَ ۾ معنيٰ ڏنل آهي. لغت جي مهاڳ ۾ پروفيسر غلام حسين جلباڻي لکي ٿو ته، ”سنڌي زبان قديم زبانن مان هڪ آهي ۽ هيءَ هڪ شاهوڪار زبان آهي، ان جو ادب به گهڻو وسيع آهي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هيءَ زبان جيڪا عربي زبان کان گهڻو متاثر ۽ مالامال ٿي، تنهن ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪا سنڌي- عربي لغت موجود نه آهي. هي هڪ خال هو، جنهن کي ڀرڻ لاءِ بنده ڀرپور ڪوشش ورتي، جا پڙهندڙن جي آڏو آهي. ڪوشش گهڻي ڪئي وئي آهي ته جيئن لغت غلطيءَ کان خالي رهي، ليڪن پنهنجي ڪمزورين کي خيال ۾ رکندي، اهڙي امڪان کي رد ڪري نه ٿو سگهجي.“
ڊبل ڪرائون سائيز ۾ 389 صفحن تي مشتمل هي لغت 1995ع ۾ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ طرفان شايع ٿي، جنهن جي قيمت 400 روپيا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو